ايڪتا فلم

ايڪتا (فلم ):سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ پهرين بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ماتليءَ جي اداڪار، گائڪ، فنڪار، ليکڪ ۽ زميندار رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ ورهاڱي کان اڳ ٺاهي هئي. هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي، هيءَ فلم پهريون ڀيرو ڪراچيءَ جي تاج محل سئنيما ۾ چئين بجي واري شو ۾ رليز ٿي. هن فلم جو فلمساز ۽ موسيقار رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آغا عبدالنبي ۽ ڊائريڪٽر هومي واڊيا، جمشيد واڊيا جو ڀاءُ هو. فلم بمبئيءَ جي اسٽوڊيو ”واڊيا اسٽوڊيوز“ ۾ ٺهي تيار ٿي. فلم جي اداڪارن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي (هيرو) ڪوشيلا (هيروئن، جيڪا يو. پي جي رهندڙ هئي)، مايا ديوي، هري شو داساڻي، چانڊو شو داساڻي، فاني، سڪندر، گلشن صوفي ۽ ٻيا هئا. هن فلم جو افتتاح خانبهادر الهه بخش سومري (تڏهوڪي وزير اعظم سنڌ) ڪيو هو. ساڻس مشهور سياسي ۽ سماجي ڪارڪن جمشيد نسراونجي به گڏ هو. خانبهادر الهه بخش سومري اتي تقرير به ڪئي هئي. هن فلم جو موضوع هندو مسلم اتحاد هو. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم هئي، ان ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شوقين هن فلم کي ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. فلم سٺو بزنس ڪري ها، پر واپاري ڌڙي بنديءَ سبب فلم کي ٻه هفتا هلائي سئنيما مان لاٿو ويو، جنهن ڪري رئيس ڪريم بخش کي ڪافي نقصان پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو